تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** خاصخيلي ذوالفقار علي **

خاصخيلي، ذوالفقار علي (راڳي): ذوالفقار علي ولد فقير الهڏنو خاصخيلي، ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ پاڪ سنگهار ۾، 5 آگسٽ 1974ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ ڳوٺ مبارڪ جروار هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر ايس. ايم ڪاليج ٽنڊي الهيار مان پاس ڪيائين. ذوالفقار جو والد فقير الهڏنو مشهور صوفي راڳي آهي. سندس اوطاقي ماحول ۾ رهندي ذوالفقار عليءَ کي به اهو شوق جاڳيو، نيٺ پنهنجي والد کان راڳ جي سکيا ورتائين. ذوالفقار علي پهريان پي ٽي وي تان نعت شريف پڙهڻ سان شروعات ڪئي ۽ پوءِ پروڊيوسر نعيم بلوچ پروگرام ’سنڌ سڀيتا‘ ۾ ۽ پروڊيوسر قربان چنا کيس پروگرام ’لوڪ رنگ‘ ۾ متعارف ڪرايو. ذوالفقار عليءَ جا ٻه آڊيو البم مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن، جيڪي ٿر پروڊڪشن ڪمپنيءَ رڪارڊ ڪيا آهن. کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏائي ۽ نصير مرزا متعارف ڪرايو. هيءُ مختلف پروگرامن ۾ فن جو مظاهرو ڪندو رهي ٿو. هن فنڪار مختصر ڄمار ۾ جشن لطيف اوارڊ، مصري شاهه امام اوارڊ ۽ گاجيلي شريف جي درگاهه جو اوارڊ ۽ ڪيترائي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا آهن. شاهه لطيف، سچل سرمست، مصري فقير، نواب ولي محمد لغاري، احمد فقير کٽياڻ، منٺار راڄ....وڌيڪ پڙهو